فنڪارن جي لاءِ مشڪل ڪم خاندان وارن کي ٽائيم ڏيڻ هوندو آهي: عائزه خان

 

لاهور(شوبز نيوز) پاڪستاني ٽيليويزن ۽ ڊرامن جي مشهور اداڪاره عائزه خان چيو آهي ته هڪ فنڪاره جي لاءِ مشڪل ڪم خاندان وارن کي ٽائيم ڏيڻ هوندو آهي. ڊرامه انڊسٽري ۾ هن وقت باصلاحيت فنڪار موجود آهن.اڪثر وڏين فنڪارائن جي پهرين ترجيح فلم آهي ان صورتحال ۾ ٽي وي جي مشهور اداڪاره ۽ ماڊل عائزه ان سڀني کان ڌار آهي. هو ڊرامه سيريل(تم ميري پاس هو) جي مشهوري باوجود فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جي لاءِ راضي ناهي. ان جي مشهوري جو اندازو ان مان لڳائي سگهي سگهجي ٿو ته گذريل ڏينهن جڏهن هو ساحلي شاپنگ مال ۾ فيشن ايمبيسڊر جي طور تي آئي ته ان جي هڪ جهلڪ ڏسڻ جي لاءِ ڇوڪرين کي ڪيترائي ڪلاڪ انتظار ڪرڻو پيو.سخت سيڪيورٽي باوجود عورتن سندس گهيرو ڪري ورتو. هو ڪيترائي ڪلاڪ انهن سان سيليفون ۽ تصويرون ٺهرائيندي رهي پر کيس عورتن جي گهيري مان نه ڪڍي سگهجيو.هن چيو ته ڊرامه سيريل(ميري پاس تم هو) جي مهوش اڄ ماڻهن جي پسنديده فنڪاره بڻجي وئي آهي ان جو سمورو ڪريڊٽ منهنجي چاهيندڙن ڏانهن وڃي ٿو جيڪي منهنجا ڊراما شوق سان ڏسن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته مون کي فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جون تمام گهڻيون آفرون ملي رهيون آهن پر مان فلمن کان في الحال پري رهڻ چاهيان ٿي. ٽي وي ڊرامن جا ڪيترائي معاهدا ڪري چڪي آهيان جن جي شوٽنگ جون مصروفيتون فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جي اجازت نٿيون ڏين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *