فلم پدماوتي نالي جي تبديلي کانپوءِ پنجويهه جنوري تي رليز ٿيندي

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ فلم پدماوتي کي ڪجهه تبديلين کانپوءِ رليز جي اجازت ملي وئي ۽ اها فلم 25 جنوري تي سينيما گهرن جي زينت بڻجندي.گذريل ڏينهن ۾ ڀارت جي سينٽرل بورڊ آف فلم سرٽيفڪيشن (سي بي ايف سي) تڪرارن جي ڄار ۾ ڦاٿل بالي ووڊ فلم پدماوتي جو نالو تبديل ڪري پدماوت رکڻ جو حڪم جاري ڪيو هو ان سان گڏوگڏ فلم کي يو اي سرٽيفڪيٽ سان ڪليئر به قرار ڏنو.هاڻ اها فلم پدماوت جي نالي سان 25 جنوري تي رليز ڪئي ويندي جڏهن ته هندو انتهاپسندن طرفان اڃان به فلم جي رليز جي معاملي تي ڌمڪين جو سلسلو جاري آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *