فلم ”مور“ جي مشهور موسيقي سڄي پاڪستان ۾ رليز ڪئي وئي

ڪراچي(شوبز نيوز) آزاد فلم ڪميٽي ۽ مانڊوي والا انٽرٽينمينٽ جي تازه ترين ۽ گڏيل ڪاوشن سان “مور” جي احساسن ۽ جذبات سان ڀرپور جاندار موسيقي رليز ڪئي وئي آهي. ان فلم ۾ معروف ڊائريڪٽر جامي جي هدايتڪاري سان گڏوگڏ اسٽرنگز جي پروڊيوس ڪيل مشهور موسيقي ۽ انور مقصدو جا دلين ۾ گهر ڪندڙ نغما شامل آهن. فلم جي موسيقي پهريان ئي عوام جي وچ ۾ مقبوليت ماڻي چڪي آهي. يوم آزادي جي ڏينهن رليز ٿيندڙ فلم مور پاڪستان جي فلم انڊسٽري ۾ هڪ نئون روح پيدا ڪري ڇڏيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *