فلم سيٽ تي هميشه سوشانت جو انتظار رهندو هو: شرڌا ڪپور

ڪراچي(شوبز نيوز)  ڀارتي فلم انڊسٽري جي مشهور اداڪارا شرڌا ڪپور طرفان پنهنجي ساٿي اداڪار ۽ دوست سوشانت سنگهه جي ياد ۾ سوشل ميڊيا تي پيغام جاري ڪيو ويو آهي. انسٽاگرام تي شرڌا ڪپور فلم ڇڇوري دوران گڏ ڪيل يادون شيئر ڪيون جن ۾ پينٽنگ، سوشانت سنگهه ۽ شرڌا جي تصوير ۽ هڪ ڪتاب شامل آهي. هن لکيو ته جيڪي ڪجهه /ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 04

به ٿيو آهي مون لاءِ ان کي قبول ڪرڻ ڏکيو آهي ڇو ته سوشانت نه رڳو منهنجو سٺو دوست هو پر هو هڪ ذهين ۽ قابل انسان به هو، هو هميشه پنهنجي ڀرپاسي چڱائي ڳوليندو هو. ڀارتي اداڪارا لکيو ته سوشانت سان دلچسپ ڳالهيون ڪرڻ لاءِ هميشه سيٽ تي سندس منتظر رهندي هيس.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *