فلم سلطان عامر خان جي فلم دنگل کان بلڪل مختلف آهي: سلمان خان

ممبئي(شوبز نيوز) ڀارتي فلم صنعت جي سپر اسٽاف سلمان خان چيو آهي ته فلم سلطان عامر خان جي فلم دنگل کان بلڪل مختلف آهي. سلمان خان فلم دنگل جي واکاڻ ڪندي چيو ته فلم جي ڪهاڻي تمام خوبصورت آهي. سلمان خان عامر خان سان اختلافن جي خبرن جي ترديد ڪندي چيو ته اهڙي ڪا به ڳالهه نه آهي. هن چيو ته اسان ٻنهي جون فلمون هڪٻئي کان مختلف آهن. ان لاءِ ٻنهي فلمن ۾ ڀيٽ ڪرڻ تي خبرون پکيڙيندڙن کي ڏک ٿيندو. هن چيو ته دنگل هڪ شاندار سچي ڪهاڻي آهي جيڪا پيءُ ۽ سندس ٻن ٻارن جي ڪهاڻي آهي جڏهن ته سندس فلم سلطان هڪ رومانوي ڪهاڻي آهي. سلطان راند ۽ محبت جي جنگ آهي ان لاءِ دنگل ۽ سلطان ۾ ڪو به مقابلو نه آهي. هن چيو ته اسان اداڪارن وچ ۾ تعلق کان علاوه ملڪ ۾ ڪيترا ئي اهڙا مسئلا آهن جن تي اسان کان وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *