فلم ساز ڪرسٽوف تي نابالغ ڇوڪري جي جنسي استحصال جو الزام لاڳو

 

ڪراچي (شوبز نيوز) فرانسيسي عدالت 55 سالن جي مشهور فلم ساز ڪرسٽوف روجيا تي نا بالغ ڇوڪري جي جنسي استحصال جو الزام لاڳو ڪري ڇڏيو. اڊيل هينيل فرانسيسي ويب سائيٽ ميڊيا پارٽ کي ٻڌايو هو ته فلم ساز کيس 2 ڏهاڪا اڳ 2002ع ۾ پهرين فلم جي شوٽنگ دوران جنسي هراسان ڪيو. اداڪارا موجب ان وقت سندس عمر 12 کان 15 سال هئي. اداڪارا 18 سال پراڻي واقعي جي رپورٽ پوليس کي داخل ڪرائي هئي. پيرس جي پوليس هدايتڪار خلاف جاچ شروع ڪئي هئي ۽ هاڻي عدالت 55 سالن جي فلمساز تي نابالغ ڇوڪري جي جنسي استحصال جو الزام لاڳو ڪري ڇڏيو آهي. خابروا داري رائيٽرز جي رپورٽ موجب پيرس جي پراسيڪيوٽر ان ڳالهه جي تصديق ڪري ڇڏي ته فلم ساز ڪرسٽوف روجيا تي نابالغ ڇوڪري جي جنسي استحصال جو الزام لاڳو ڪيو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *