فلم ” دبنگ “ ۾ چلبل پانڊي جي ڪردار لاءِ سلمان پهرين پسند نه هو: ارباز خان

 

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ اداڪار ۽ پروڊيوسر ارباز خان چيو آهي ته فلم ” دبنگ “ ۾ چلبل پانڊي جي ڪردار لاءِ سلمان پهرين پسند نه هو پر هدايتڪار ان ڪردار لاءِ عرفان خان يا رنديپ هودا کي ڪاسٽ ڪرڻ چاهي پيو.ويجهڙائي ۾ هڪ انٽرويو دوران ارباز خان انڪشاف ڪيو آهي ته فلم ” دبنگ “ ۾ چلبل پانڊي جي ڪردار لاءِ سلمان خان هدايتڪار جي پهرين پسند نه هو. ارباز خان چيو ته فلم دبنگ جي سلسلي ۾ سندس ملاقات هدايتڪار اڀينوڪيشپ سان ٿي هن مونکي فلم جو اسڪرپٽ پڙهي ٻڌايو ته مون کيس چيو ته توهان مونکي فلم ۾ روبن هوڊ پوليس واري جو مک ڪردار ڇو نه پيا ڏيو؟جنهن تي اڀينو چيو ته مون ۾ چلبل پانڊي کان وڌيڪ مکي نظراچي رهيو آهي ( ارباز خان فلم چلبل پانڊي جي ڀاءَ مکي جو ڪردار ادا ڪيو هو) جڏهن ته فلم جي مک ڪردار لاءِ هو عرفان خان يا رنديپ هودا کي ڪاسٽ ڪرڻ چاهي ٿو پر سندس معاملا اڳتي نه وڌي سگهيا.ارباز خان چيو ته اڀينو کي فلم پروڊيوس ڪرڻ جي آڇ ڪيم ۽ چلبل پانڊي جي ڪردار لاءِ سلمان خان جو نالو تجويز ڪيو، جنهن تي اڀينو پُرجوش ٿي ويو ۽ اهڙي نموني سلمان خان کي چلبل پانڊي جو ڪردار ملي ويو.واضح رهي ته ڪامياب ترين فلم دبنگ جي ٽئين حصي دبنگ 3 جي شوٽنگ جاري آهي، پهرين ٻن فلمن جيان هن دفعي به سلمان خان ۽ سوناڪشي سنها مک ڪردار ۾ نظر ايندا. فلم هلندڙ سال جي آخر ۾ 20 ڊسمبر تي ريليز ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *