فلم ”بابو شاهي بندوق باز“ ڪردار سان ڀرپور انصاف جي ڪوشش ڪئي آهي: بديتا بيگ

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره بديتا بيگ چيو آهي ته فلم ”بابو شاهي بندوق باز“ ڪردار سان ڀرپور انصاف جي ڪوشش ڪئي آهي. اداڪاره بديتا فلم بابو شاهي بندوق باز جي اشتهاري مهم جي سلسلي ۾ منعقد تقريب جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته فلم بابو شاهي بندوق باز ۾ ڪردار سان انصاف جي ڪوشش ڪئي آهي. هن چيو ته هوءَ بالي ووڊ ۾ نئين اداڪاره آهي، ان ڳالهه کي سمجهندي فلم جي هدايتڪار ۽ سموري ڪاسٽ سندس همٿايو ۽ هن سان ڀرپور سهڪار ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *