فلمي دنيا ۾ قدم رکڻ کانپوءِ شوٽنگ جي پهرين ڏينهن غيرذميوار قرار ڏنو ويو هو: ڪنگنا رناوت

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ ۾ پنهنجي جاندار اداڪاري ۽ ڪردار ۾ گم ٿي وڃڻ جي حوالي سان مشهور اداڪارا ڪنگنا رناوت انڪشاف ڪيو آهي ته فلمي دنيا ۾ قدم رکڻ کانپوءِ شوٽنگ جي پهرين ڏينهن کيس غيرذميوار قرار ڏنو ويو هو. هڪ انٽرويو ۾ ڪنگنا ٻڌايو ته ڏکڻ ڪوريا جي شهر سيول ۾ فلم گينگسٽر جي شوٽنگ جو پهريون ڏينهن عجيب هو،هن ٻڌايو ته فلم جي هدايتڪار انوراگ ڊگهي وقت جي منظر جي عڪسبندي لاءِ خاص هنڌ تي هلڻ جو چيو پر مان هلندي هلنديان هنڌ کان به اڳتي نڪري ويس، جنهن ڪري فلمي سيٽ تبديل ڪري ان منظر جي ٻيهر عڪسبندي ڪرڻي پئي. سندس چوڻ هو ته ان سڄي صورتحال سبب مون لاءِ غير ذميواري جا لفظ چيا ويا، جنهن ڪري مان تمام گهڻو مايوس ٿي ويس پر ساٿي اداڪار عمران هاشمي مونکي ڪم ڪرڻ تي راضي ڪيو. واضح رهي ته ڪنگنا رناوت قلمي ڪيريئر جي شروعات 2006ع ۾ ان ئي فلم گينگسٽر ذريعي ڪئي هئي ۽ هن وقت کيس بالي ووڊ جي سڀ کان وڌيو ڪامياب اداڪارا سمجهيو پيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *