فلمي دنيا کان پاسيري ٿي ويل بالي ووڊ اداڪارا ڪرشما ڪپور 41 ورهين جي ٿي وئي

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ اداڪاره ڪرشما ڪپور پنهنجي 41 هين سالگرهه ملهائي، 25 جون 1974 تي ڀارتي رياست مهارشٽرا جي شهر ممبئي ۾ 70ع ۽ 80 ع جي ڏهاڪي جي مشهور اداڪار ۽ اداڪاره رندير ڪپور ۽ ببيتا جي گهر پيدا ٿيل ڪرشما ڪپور پنهنجي بالي ووڊ ڪيريئر جي شروعات 1991 ۾ فلم “پريم قيدي” کان ڪئي، جيڪا باڪس آفيس تي وچولي درجي جو بزنس ڪري سگهي، ان کانپوءِ ڪرشما جگر، راجه بابو، قولي نمبر ون، اناڙي، ساجن چلي سسرال ۽ جيت جهڙيون فلميون ڏنيون، جڏهن ته 1996ع ۾ عامر خان سان سندس فلم راجه هندستاني کيس ڪاميابي جي بلندين تي پهچايو، ان کانپوءِ فلم دل تو پاگل هي، فضا ۽ بيوي نمبر ون کي به باڪس آفيس تي وڏي ڪاميابي حاصل ٿي، بهترين اداڪاره جا ڪيترائي ايوارڊ پنهنجي نالي ڪندڙ ڪرشما ڪپور کي ذاتي زندگي ۾ ان وقت ناڪامي جو منهن ڏسڻو پيو، جڏهن ليجنڊري اداڪار اميتاب بچن جي اداڪار پٽ اڀيشڪ سان سندس مڱڻي ٽٽي پئي، سيپٽمبر 2003ع ۾ ناليواري صنعتڪار سنجي ڪپور کي پنهنجو جيون ساٿي چونڊي پنهنجي شادي جي زندگي جي شروعات ڪندڙ ڪرشما ڪپور هڪ پٽ ۽ ڌيءُ جي ماءُ آهي جڏهن ته هوءَ مڙس کان طلاق وٺي چڪي آهي، 2003ع کان بالي ووڊ فلم انڊسٽري کان پاسيري رهندڙ ڪرشما جي شوبز انڊسٽري ۾ واپسي 2008 ۾ ريئلٽي شو نچ بلئي ۾ جج جي حيثيت سان ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *