فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جو ارادو ناهي،پنهنجي پروڊڪشن هيٺ ڊراما ٺاهينديس:وينا ملڪ

لاهور (شوبز نيوز) پاڪستاني ماڊل اداڪارا وينا ملڪ جو چوڻ آهي ته پنهنجي ذاتي پروڊڪشن هيٺ ڊراما سيريل ٺاهڻ جو ارادو آهي،جڏهن ته فلمن ۾ ٻيهر ڪم ڪرڻ جو ڪو به ارادو ناهي.هڪ انٽرويو ۾ سندس چوڻ هو ته پاڪستان منهنجو مُلڪ آهي، مان پنهنجي ملڪ ۾ سُٺا ٽي وي ڊراما پروڊيوس ڪرڻ آئي آهيان ۽ پنهنجي ذاتي پروڊڪشن هيٺ ڊراما ڪرڻ جو ارادو ڪري چڪي آهيان،انهن ۾ جنهن ڊرامي ۾ ڪو سُٺو ڪردار سمجهه ۾ آيو ته ان ۾ ڪم به ضرور ڪنديس.پر فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جو پري پري تائين ڪو به ارادو ناهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *