فلمن ۾ مختلف ڪردار هميشه چئلينج سمجهي ڪيا آهن: هما قريشي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي خوبصورت اداڪارا هما قريشي چيو آهي ته مون هميشه فلمن ۾ مختلف ڪردار چئلينج سمجهي ڪيا آهن. فلم انڊسٽري ۾ اڄ جيڪو ڪجهه آهيان انوراگ ڪشپ جي ڪري ئي آهيان. هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته مون انوراگ ڪشپ جي فلم گينگز آف وسي پور ذريعي بالي ووڊ ۾ قدم رکيو هو، اها فلم ئي منهنجي مستقبل لاءِ بهترين رهي، ان فلم کي مختلف ٻولين ۾ ترجمو ڪيو ويو هو، جنهن سبب عالمي ليول تي مڃتا به ملي. هن وڌيڪ چيو ته هاڻي سئنيمائن سان گڏ مداح به تبديل ٿي رهيا آهن ۽ اهي مون کي منفرد ڪردار ۾ ڏسڻ چاهين ٿا، مون مختلف ڪردارن کي چئلينج طور نڀايو آهي. ياد رهي ته هما قريشي جي فلم عشقيا، جولي ايل ايل بي ۲ ۽ دوبارا باڪس آفيس تي بهتر بزنس ڪيو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *