فلسطين کي ڪشمير مسئلي وانگر ئي ڏسون ٿا: آرمي چيف

راولپنڊي(اي پي پي) ) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا سان سعودي عرب جي نائب دفاع واري وزير محمد بن عبدالله العسي ملاقات ڪئي جنهن ۾ علائقائي سلامتي ۽ ٻه طرفو دفاعي سهڪار وڌائڻ جي معاملن تي غور ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان سعودي عرب جي نائب دفاع واري وزير جي ملاقات جي ايڇ ڪيو راولپنڊيءَ ۾ ٿي. سعودي عرب جي نائب دفاع واري وزير پاڪ فوج جي پيشوراڻي معيار ۽ ڪارڪردگيءَ جي واکاڻ ڪئي پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته پاڪستان فلسطين جي مسئلي جي حل لاءِ هر ممڪن سهڪار جاري رکندو. فلسطين جي مسئلي کي ڪشمير مسئلي جيان حل طلب سمجهون ٿا، پاڪستان ٻنهي مسئلن جي حل لاءِ سياسي، اخلاقي ۽ عوامي حمايت تي برابر مؤقف رکي ٿو. اهڙو اظهار هن اڱاري ڏينهن فلسطيني سفير سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي آءِ ايس پي آر مطابق فلسطين جي سفير وليد ابوعلي جي ايڇ ڪيو راولپنڊيءَ ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان ملاقات ڪئي. آرمي چيف چيو ته فلسطين مسئلي کي ڪشمير مسئلي جيان حل طلب سمجهون ٿا، پاڪستان ٻنهي مسئلن جي حل لاءِ سياسي، اخلاقي ۽ عوامي حمايت تي هڪ جهڙو مؤقف رکي ٿو. فلسطين جي سفير فلسطين ڪاز لاءِ پاڪستان جي حمايت تي شڪريو ادا ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *