فلسطين معاملو: حڪومت ۽ مخالف ڌر هڪ پيج تي، گڏيل قومن ۾ ياداشت پيش

اسلام آباد (اين اين آءِ) مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف طرفان گڏيل قومن کي يادداشت پيش ڪرڻ جو اعلان ڪيو ته حڪومت به مخالف ڌرجي آڇ ڪري ورتو. عوام لاءِ خوشي جوڳي ڳالهه اِها آهي ته فلسطين عاملي تي قومي اسيمبلي ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر گڏ نظر آيون، گذريل ڏينهن ايوان ۾ فلسطين تي ظلمن جي حوالي سان ٺهراءُ منظور ڪيو ويو، جنهن تي اڄ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف تجويز ڏني ته ان ٺهراءُ کي گڏيل قومن جي آفيس ۾ وڃي پيش ڪرڻ گهرجي. شهباز شريف گڏيل قومن کي يادداشت پيش ڪرڻ جو اعلان ڪيو ته نه رڳو پيپلز پارٽي ان قدم کي خوشي جوڳو قرار ڏنو پر حڪومت به ان آڇ کي قبول ڪيو. تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ چيف وهيپ عامر ڊوگر چيو ته سڄو ايوان فلسطين جي معاملي تي هڪ پيج تي آهي، سمورين پارٽين ۽ ميمبر جو ٿورائتو آهيان. پيپلز پارٽي جي اڳواڻ راجا پرويز اشرف چيو ته پاڪستان جو موقف گڏيل طورتي وڃڻ سان سٺو پيغام ويندو. مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف جو قومي اسيمبلي ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته قومي اسيمبلي اجلاس مان اسرائيلي بربريت جي خلاف ٺهراءُ گڏيل هو، فلسطين جي حق ۾ ٺهراءُ پاڪستاني عوام جي دل جي غمازي ٿو ڪري، قومي اسيمبلي مان منظور ٺهراءُ اڄ يو اين آفيس ۾ وڃي پيش ڪيو ويندو، حڪومت طرفان جيڪو به اسان سان هلڻ چاهي گڏ هلي، حڪومتي ميمبر به اسان سان گڏ هن ته اِها فلسطين ڪاز جي وڏي خدمت هوندي. بعد ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف اسرائيلي جارحيت جي خلاف قومي اسيمبلي جو ٺهراءُ گڏيل قومن جي پاڪستان ۾ آفيس ۾ پيش ڪري ڇڏيو، فلسطين تي قومي اسيمبلي طرفان منظور ڪيل گڏيل ٺهراءُ پاڪستان ۾ نمائندي جولئين هارنيس جي حوالي ڪيو ويو، ٺهراءُ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيريس ۽ جنرل اسيمبلي جي صدر ولڪن بوز ڪري جي نالي لکيو ويو آهي، جنهن ۾ فلسطين جي خلاف اسرائيل جي وحشياڻي حملي، قتل عام ۽ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون روڪڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي شهباز شريف جو چوڻ هو ته ڏهاڪن کان فلسطين ۽ ڪشمير ۾ ظلم ٿي رهيو آهي، فلسطينين تي ظلم جي بازار گرم ڪئي وئي، اسرائيل جي بمباري سان فلسطين جون ڪيتريون ئي عمارتون تباهه ٿيون، ۽ فلسطينين کي وڏي انگ ۾ شهيد ڪيو ويو، مسجد الاقصيٰ ۾ بربريت ڪئي وئي، اهڙا ڏکوئيندڙ منظر اڳ ۾ ڪڏهن به نه ڏٺا، اسرائيلي وزير اعظم جو رويو فاشسٽ آهي جنهن جي سخت مذمت ڪيون ٿا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *