فضل الرحمان ڳالهين جا دروازا بند نه ڪري، مولانا ٻڌائي ته حڪومت ڪٿي غلطي ڪئي آهي : شيخ رشيد

لاهور (اين اين آءِ) ريلوي جي وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان ڳالهين جا دروازا بند نه ڪري هو اڳ به استعمال ٿيندو رهيو آهي مولانا ٻڌائي ته حڪومت ڪٿي غلطي ڪئي آهي پاڪستان دنيا جو واحد ملڪ آهي جتي پسينجر ٽرين نفعي ۾ هلي رهي آهي ۽ هاڻي فريٽ سيڪٽر به نفعي ۾ اچي ويو آهي هي منهنجو پنجن سالن جو ٽارگيٽ هو جيڪو مان هڪ سال ۾ پورو ڪري ورتو آهي اهڙن خيالن جو اظهار شيخ رشيد احمد رائونڊ ريلوي اسٽيشن جي افتتاح جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو شيخ رشيد چيو ته رائونڊ ۾ سالياني تبليغي ميڙاڪي کي آڏو رکي هن ريلوي اسٽيشن کي کوليو ويو آهي ريلوي اسٽيشن کي ساڍا 25 ڪروڙ رپين سان تيار ڪيو ويو آهي هن ريلوي اسٽيشن ۾ هڪ ويٽنگ هال جنهن ۾ 50 ماڻهن جي ويهڻ جي جاءِ آهي 16 واش روم هڪ مسجد، 3 ڪرنٽ بڪنگ آفيسون 300 موٽر سائيڪلن سميت 100 ڪارن جي پارڪنگ جي گنجائش آهي هي اسٽيشن روزانو 5 لک رپيا انڪم ڏي ٿي ۽ اجتماع جي ڏينهن ۾ 10 کان 15 لک ماڻهن جي روزاني اچ وڃ جو امڪان هوندو شيخ رشيد چيو ته اجتماع جي دوران گرين لائين جناح ايڪسپريس سميت سموريون ٽرينون رائيونڊ ريلوي اسٽيشن تي اسٽاپ ڪنديون 28 نومبر کان 15 آڪٽوبر تائين سموريون ٽريون رائيونڊ ريلوي اسٽيشن تي اسٽاپ ڪنديون ان کان علاوه اجتماع لاءِ 4 اسپيشل ٽرينون به هلائي رهيا آهيون فيصل آباد مان ويندڙ ٽرينون به اجتماع جي ڏينهن ۾ رائونڊ جي رستي ڪراچي وينديون هن چيو ته اسان هڪ سال ۾ ايل اي ون جو پي سي ون مڪمل ڪري ورتو آهي ۽ ان جو سمورو ڪريڊٽ ريلوي آفيسرن ۽ مزدورن ڏانهن وڃي ٿو. شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته فواد چوڌري بابت ڪنهن ڳالهه جو جواب نٿو ڏيڻ چاهيان رائونڊ ۾ تبليغي اجتماع جي ڪري ريلوي اسٽيشن جو تڪڙو افتتاح ڪيو آهي اجتماع ۾ پاڻ به شامل ٿيندس.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *