فضل الرحمان پهريون ڀيرو اقتدار کان ٻاهر هئڻ جو درد محسوس ڪري رهيو آهي: فردوس عاشق اعواڻ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم جي سڌ سماءَ بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته فضل الرحمان پهريون ڀيرو اقتدار کان ٻاهر هئڻ جو درد محسوس ڪري رهيو آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته دوست ملڪ پاڪستان کي معاشي حالتن مان ڪڍڻ لاءِ مدد ڪري رهيا آهن، اپوزيشن جون پيدا ڪيل ڏکيائيون ختم ڪرڻ لاءِ  حڪومت ڪوشش ڪري رهي آهي. هن چيو ته اپوزيشن کي خبر آهي ته صورتحال بهتر ٿيڻ کانپوءِ کين ڪير نه پڇندو، لفظن جو سهارو وٺي عوام کي گمراهه نه ٿو ڪري سگهجي، ٻنهي سياسي نابالغن جو نظريو سندن پنهنجون پارٽيون رد ڪري چڪيون آهن، مخالف ڌر سهڪي رهي آهي، اپوزيشن ڀڙڪون هڻي آڪسينجن ڳولي رهي آهي.  سندس چوڻ هو ته آئين ۽ قانون جي بالادستي يقيني بنائڻ حڪومت جو ڪم آهي. فردوس عاشق اعواڻ چيو ته مديني جي رياست عليم ذريعي ٿورڙي عرصي ۾ مقبوليت حاصل ڪئي، مديني جي رياست ۾ تعليم تي زور ڀريو ويو، معياري تعليم تحريڪ انصاف جي پهرين ترجيح آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *