فشرمين ڪو آپريٽو سوسائيٽي جو چيئرمين نثار مورائي گرفتار، اڻڄاتل هنڌ منتقل

اسلام آباد (بيورو) ايف آءِ اي، فشرمين ڪو آپريٽو سوسائيٽي جي چيئرمين نثار مورائي کي اسلام آباد ۾ گرفتار ڪري ورتو. ذريعن موجب نثار مورائي کي ڪرپشن ۽ پابندي مڙهيل پيپلز امن ڪاميٽي جي سربراهه عذير بلوچ سان رابطن جي الزام هيٺ حراست ۾ ورتو ويو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته فشرمين ڪو آپريٽو سوسائيٽي جي چيئرمين کي گرفتاري کانپوءِ پڇاڳاڇا لاءِ اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي. امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته نثار مورائي کي جلد سنڌ پوليس حوالي ڪيو ويندو. ذريعن موجب فشرمين ڪو آپريٽو سوسائيٽي جي چيئرمين کي ڪنهن به وقت ڪراچي منتقل ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *