فروغ نسيم پارٽي اڳواڻن کي چيو ته پرويز مشرف ئي اصل ليڊر آهي: فاروق ستار

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان جي اڳواڻ فاروق ستار جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم ۾ مائنس ٽو فارمولي تي عمل ٿي رهيو آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي فاروق ستار چيو ته مائنس ون کي به ڪارڪنن وڏي ڏکيائي سان قبول ڪيو هو، نالي ماتر رابطا ڪميٽي ڪنهن جي هٿن ۾ استعمال ٿي رهي آهي. فاروق ستار دعويٰ ڪئي ته هن وٽ ان ڳالهه جو ثبوت موجود اهي ته اهو اڳوڻي صدر پرويز مشرف جو فارمولو آهي، فروغ نسيم پارٽي اڳواڻن کي چيو ته فاروق ستار ۾ دم ناهي پرويز مشرف ئي اصل ليڊر آهي. هن چيو ته فروغ نسيم جيڪي تجويزون رابطا ڪميٽي کي ڏئي رهيو آهي مهرباني ڪري اهي نه ڏئي ۽ قوم کي وڌيڪ ورهائجڻ کان بچائي. فاروق ستار چيو ته 25 صوبائي ميمبر مون سان گڏ آهن جڏهن ته 12 ميمبر بهادر آباد وارن سان گڏ آهن، مون سان گڏ ماڻهن کي فون پيا اچن ته ٻڌايو ته ڪهڙو عهدو کپي. هوڏانهن خالد مقبول صديقي چيو ته ڪيترائي ڀيرا فاروق ستار کان ڪامران ٽيسوري بابت پڇاڻو ڪيو، هن کان پڇيو هو ته آخر ڪامران ٽيسوري کي گڏ کڻي واري ڪهڙي مجبوري آهي؟ هن چيو ته سينيٽ جي ٽڪيٽ جو مسئلو نه هو، ڪامران ٽيسوري کي فاروق ستار ڊپٽي ڪنوينر بڻايو، پارٽي جي اڪثريت ڪامران ٽيسوري کي ڊپٽي ڪنوينر بڻائڻ جي مخالفت ڪئي هئي، فاروق ستار چيو ته ٽيسوري کي ڊپٽي ڪنوير نه بڻايو ويو ته آئون پارٽي ڇڏي ڏيندس. خالد مقبول صديقي ٻڌايو ته هن فاروق ستار کي چيو ته ٽڪيٽ جنهن کي ڏيڻي آهي ڏيو پر پارٽي کي ائين نه هلايو. هن اهو به چيو ته فاروق ستار ڪامران ٽيسوري کي ڊپٽي ڪنوينر نه پر ڪنوينر بڻايو هو، پارٽي جي ماڻهن جو چوڻ آهي ته فاروق ستار جا اختيار ٽيسوري جي کيسي ۾ آهن. خالد مقبول صديقي چيو ته فاروق ستار پارٽي جو ڪارڪن آهي ۽ هو ٻيهر ايندو ته شايد سربراهه به بڻجي، جيڪڏهن فاروق ستار کي لڳي ٿو ته ڪنوينر جا اختيار گهٽ ته هو پارٽي جو ڊپٽي ڪنوينر بڻجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *