عمران خان ۽ ملالا يوسفزئي دنيا جي سڀ کان وڌيڪ پسنديدا شخصيتن ۾ شامل

لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان ۽ نوبيل انعام ماڻيندڙ ملالا يوسفزئي هلندڙ سال سڀ کان وڌيڪ پسند ڪيا ويندڙ ماڻهن جي فه/ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 31

رست شامل ٿي ويا آهن. برطانوي گلوبل پبليڪيشن ”يوگوو “ تازو ئي اهڙن ماڻهن جي فهرست جاري ڪئي آهي جن کي 2019ع ۾ سڀ کان وڌيڪ پسند ۽ ساراهيو ويو، ان فهرست ۾ وزيراعظم عمران خان ۽ نوبيل انعام ماڻيندڙ ملالا يوسفزئي به شامل آهن. فهرست ۾ مردن ۾ پهرين نمبر تي بل گيٽس، ٻئي تي باراڪ اوباما، ٽئين تي چيني اداڪار جيڪي چين، چوٿين تي صدر شي جن پنگ ۽ پنجين تي بزنس مين جيڪ ما شامل آهن. فهرست ۾ ڇهين نمبر تي ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي ۽ ٻارهين نمبر تي بالي ووڊ شهنشاهه اميتاڀ بچن شامل آهي جڏهن ته وزيراعظم عمران خان جو فهرست ۾ 17 هون نمبر آهي.يوگوو طرفان جاري ڪيل سڀ کان وڌيڪ پسنديدا عورتن جي فهرست موجب مشيل اوباما پهرين ۽ ملالا يوسفزئي ڇهين نمبر تي شامل آهي. يوگوو پبليڪيشن طرفان ڪيل آن لائن انٽرويو ۾ 35 ملڪن جي اٽڪل 37 هزار ماڻهن حصو ورتو ۽ سموري دنيا ۾ پنهنجي پسنديدا شخصيت لاءِ ووٽ ڏنو. ان فهرست ۾ سڄي دنيا ۾ پسنديدا 20 مرد ۽ 20 عورتون شامل آهن.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *