فردوس عاشق اعواڻ جي بلاول ڀٽو سان ملاقات، پنجاب جي صورتحال تي ڳالهيون

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اڳوڻي وفاقي وزير ۽ پ پ اڳواڻ فردوس عاشق اعواڻ اڄ هتي بلاول هائوس ۾ پاڪستان پپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪئي ۽ کيس پنجاب جي سياسي صورتحال ۽ خاص طور تي سيالڪوٽ ضلعي جي صورتحال بابت آگاهي ڏني.فردوس عاشق اعواڻ پارٽي چيئرمين آڏو شڪايت ڪندي ٻڌايو ته پنجاب ۾ حڪومت طرفان گذريل پ پ دور جا ڪيترائي منصوبا گھٽائي يا وري مورڳو بند ڪري ڇڏيا آهن نواز حڪومت جي اهڙن فيصلن سان عوام جو وڏي پئماني تي نقصان ٿي رهيو آهي، هن چيو ته پيپلز حڪومت طرفان  منهنجي وزارت دوران سيالڪوٽ ۾ ٻهراڙين جي ماڻهن جي سهوليت لاءِ بس سروس منصوبو شروع ڪيو ويو هو جيڪو نواز حڪومت بند ڪري بسون ڪٻاڙخاني حوالي ڪري ڇڏيون آهن، فردوس عاشق پ پ چيئرمين کي پنجاب ۾ صوبائي توڙي وفاقي حڪومت طرفان پ پ خلاف ٿيندڙ انتقامي ڪاررواين بابت پڻ آگاهي ڏني.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *