فرحان اختر ۽ اڌونا وچ ۾ طلاق جو ڪارڻ اديتي رائو حيدري بڻي

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار فرحان اختر ۽ سندس اڳوڻي زال اڌونا جي طلاق جو سبب سامهون اچي ويو آهي. بالي ووڊ ذريعن مطابق بالي ووڊ اداڪار فرحان اختر جي تازو ئي پنهنجي اڳوڻي زال اڌونا سان طلاق ٿي هئي، جنهن جو ڪارڻ سامهون اچي ويو آهي. ذريعن مطابق پهرين اهو چيو پئي ويو ته اداڪار جي اڌونا سان طلاق اداڪاره شردا ڪپور سان وڌندڙ ويجهڙائپ سبب ٿي پر اهو الزام غلط آهي. حقيقت ۾ طلاق جو ڪارڻ اداڪار جي فلم جي هيروئن اداڪاره اديتي رائو حيدري آهي. تازو ئي ٻنهي کي هڪ تقريب ۾ گڏ وڻندڙ موڊ ۾ ڏٺو ويو هو ۽ اڌونا سان فرحان جي طلاق جو ڪارڻ به اديتي ئي بڻي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *