فرانسيسي حڪومت پاران آمريڪي اداڪار مائيڪل ڪيٽن لاءِ آرڊر آف آرٽس اينڊ لٽريچر جو اعزاز

پيرس (شوبز نيوز) فرانسيسي حڪومت آمريڪي اداڪار مائيڪل ڪيٽن کي سندس فني صلاحيتن جي مڃتا طور فن ۽ ادب جي شعبي ۾ اعليٰ اعزاز سان نوازيو آهي.آسڪر ايوارڊ يافتا اداڪار مائيڪل ڪيٽن کي ايوارڊ ڏيڻ واري تقريب پيرس ۾ ٿي،جنهن ۾ فرانسيسي ثقافت ۽ سڌ سماءَ واري وزير فلوهر پيليرين مائيڪل ڪيٽن جي ڇاتي تي آرڊر آرف

آرٽس اينڊ لٽريچر جو تمغو لڳايو.فلوهر پيليرين جو چوڻ هو ته هو ذاتي طور تي مائيڪل ڪيٽن کي نٿي سڃاڻا پر کيس اها ڄاڻ آهي ته هو غير معامولي صلاحيتن جو مالڪ فنڪار آهي،جيڪو هر طرح جو ڪردار سهڻي نموني سان نڀائي سگهي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *