فحش فلمن جي الزام هيٺ گرفتار ڀارتي اداڪاره ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ

ممبئي(شوبز نيوز) فحش فلمون ٺاهيندڙ جي الزام هيٺ گرفتار ڀارتي اداڪاره گيهانا واسسٿ ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي آهي.گذريل ڏينهن ممبئي پوليس جي ڪرائيم برانچ ڀارتي فلم ۽ ٽي وي جي مشهور اداڪاره گيهانا واسسٿ کي فحش فلمون ٺاهڻ ۽ ويب سائيٽ تي اپ لوڊ ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو هو.ان کانپوءِ عدالت اداڪاره ۽ ٻين جوابدارن کي 10 فيبروري تائين ريمانڊ ۾ ڏنو ويو هو جنهن دوران اداڪاره ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي.رپورٽس موجب اداڪاره کان جاچ ڪندڙ پوليس آفيسرن کي به قرنطينه ڪيو ويو آهي ۽ هاڻ ان کي 14 ڏينهن بعد عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *