فاٽا سڌارن واري بل تي حڪومت جو رويو غير سنجيدا آهي: خورشيد شاهه

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته فاٽا سڌارا بل تي حڪومت جو رويو غير سنجيدا آهي. قومي اسمبلي جي اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي خورشيد شاهه چيو ته 70 ورهيه گذري ويا، هاڻ فاٽا جي مسئلن جو حل ڳولڻو پوندو، ان معاملي تي نواز شريف ڳالهه نه مڃي ۽ هاڻ حڪومت به ساڳيو رويو اختيار ڪيو آهي. هن چيو مخالف ڌر ته اجلاس ۾ اچي ويندي آهي پر حڪومت ناهي ايندي، اهو ئي سبب آهي جو پارليمينٽ جي توهين تي ايوان کان واڪ آئوٽ ڪري رهيا آهيون. سندس چوڻ هو ته اسان کي اميد آهي ته فاٽا سڌارا بل سڀاڻي ايجنڊي ۾ شامل ڪيو ويندو ۽ مسئلا ڊائيلاگ ۽ سنجيدگي سان حل ٿيندا. اجلاس دوران هن فلسطين جي معاملي تي به خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته حڪومت فلسطين جي معاملي تي به غير سنجيدا آهي.27

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *