فاسٽ بالر محمد عامر جا ايندڙ مهيني قومي ٽيم ۾ شموليت جا امڪان وڌي ويا

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز): پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ رٿيل قومي ٽوئنٽي ٽوئنٽي ڪپ دوران فاسٽ بالر محمد عامر جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺندو، اها ٽورنامينٽ 1 کان 15 سيپٽمبر دوران راولپنڊي ۾ کيڏي ويندي، جنهن جو ڪواليفائنگ رائونڊ 1 کان 5 جڏهن ته مرڪزي ايونٽ 8 کان 15 سيپٽمبر وچ ۾ ٿيندو، راولپنڊي ريجن جي عهديدارن چيو آهي ته هلندڙ سال سيپٽمبر ۾ پابندي ختم ٿيڻ کانپوءِ عامر قومي ٽيم ۾ واپسي ڪندو، سندن چوڻ هو ته قومي ٽيم ۾ سٺن تيز بالرن جي کوٽ آهي ۽ عامر جي اسڪواڊ ۾ شموليت سان بالنگ وارو شعبو مضبوط ٿيندو، هنن ٻڌايو ته  پي سي بي عامر جي ڪارڪردگي تي نظر رکي آهي ۽ هو جلد قومي ٽيم ۾ جاءِ ٺاهيندو، محمد عامر قومي ٽيم ٽوئنٽي ٽوئنٽي ٽورنامينٽ ۾ راولپنڊي ريمز جي نمائندگي ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *