فاروق ستار مظلوم آهي،هن جي پريشانين ۾ اضافو نٿو ڪرڻ چاهيان، اسان جي پارٽي قومي سياست ڪندي: مصطفيٰ ڪمال

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اڳوڻي سٽي ناظم مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته ڊاڪٽر فاروق ستار مظلوم ۽ معصوم ماڻهو آهي، هو سندس پريشانين ۾ اضافو نه ٿو ڪرڻ چاهي. اڳوڻي سٽي ناظم مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته ڊاڪٽر فاروق ستار مظلوم ۽ معصوم ماڻهو آهي، هو سندس پريشانين ۾ اضافو نه ٿو ڪرڻ چاهي ڪراچيءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته هو فاروق ستار جي ڪابه ڳالهه دل ۾ نه ڪندو آهي. هن چيو ته هو بندوق ڇڏڻ جي ڳالهه ڪري رهيا آهن ۽ پارٽيءَ ۾ عورتن کي به شامل ڪيو پيو وڃي.مصطفيٰ ڪمال چيو ته هنن اڃا پنهنجي پارٽيءَ جي نالي جو فيصلو نه ڪيو آهي. هن چيو ته هنن پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ سان سڄي ملڪ جي ماڻهن کي دعوت ڏني آهي. سندس چوڻ هو ته هو ننڍي چونڊ ۾ حصو نه وٺندا، هو سياست ڪرڻ آيا آهن ۽ سياست ئي ڪندا. مصطفيٰ ڪمال چيو ته هو اڃا پنهنجي پارٽيءَ کي منظم ڪرڻ جي ڪوششن ۾ آهن. هن چيو ته سندن پارٽي لساني نه پر قومي سياست ڪندي، هو ڪنهن به قسم جي تشدد خلاف آهن.002

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *