فارن فنڊنگ ڪيس ۾ پي ٽي آءِ ڪامياب ٿي، سڀني جماعتن جي فنڊنگ سامهون آندي وڃي: فواد چوڌري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي اسڪروٽني ڪميٽي جي فائنڊنگ ۾ اها ڳالهه ظاهر ٿي وئي ته تحريڪ انصاف جي فنڊنگ شفاف آهي، تحريڪ انصاف هڪ ڀيرو ٻيهر ڪامياب ٿي، طئي ٿي ويو ته فارن فنڊنگ جو ڪو معاملو ناهي.  ملڪتي وزير فرخ حبيب سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي فواد چوڌري چيو ته اسان چاهيون ٿا سڀني جماعتن جي فنڊنگ کي سامهون آندو وڃي، نواز شڙيف ن ليگ جو اڪائونٽ مني لانڊرنگ لاءِ استعمال ڪيو، ن ليگ جي اڪائونٽ ۾ 8 ڪروڙ رپيا وجهرائي ڪڍرايا ويا، چاهيون ٿا ته اليڪشن ڪميشن پ پ ۽ ن ليگ جي اڪائونٽن جي به اسڪروٽني ڪري. هن چيو ته ٻين جماعتن ۾ فنڊنگ وڏيرن ۽ ڪاروباري ماڻهن سان هلندي آهي، اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿيندڙ رپورٽ پي ٽي آءِ حڪومت کان اڳ جي آهي. ان موقعي تي فرخ حبيب چيو ته ماهرن موجب ن ليگ جا 9 اڪائونٽ اهڙا آهن، جيڪي اليڪشن ڪميشن کي نه ٻڌايا ويا، انهن ۾ ڪروڙين رپين جي ٽرانزيڪشن ٿي آهي، پ پ 2013 ۾ 9 اڪائونٽ، 2014 ۾ 11 ۽ 2015 ۾ 10 اڪائونٽ لڪايا. سندس چوڻ هو ته پ پ وٽ 34 ڪروڙن جي عطين جو ڪو رڪارڊ ناهي، قانون موجب ڪا سياسي جماعت ڪنهن ٻي جماعت کي فنڊ نٿي ڏئي سگهي پر پ پ، پ پ پارليامينٽيرينز ۽ پارليامينٽيرينز، پ پ جا خرچ کنيا هئا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *