فارم 15 مان استعمال نه ٿيل بيلٽ پيپرن بابت مدد ناهي ملي، هي جڊيشل نه پر جاچ ڪميشن آهي : چيف جسٽس

اسلام آباد(بيورو) 2013ع وارين چونڊن ۾ شڪي ڌانڌلين بابت جاچ ڪندڙ جڊيشل ڪميشن جي سربراهه چيف جسٽس ناصر الملڪ چيو آهي ته فارم 15 مان استعمال نه ٿيل بيلٽ پيپرن بابت مدد ناهي ملي. هي جڊيشل ڪميشن ناهي پر جاچ ڪميشن آهي، تحريڪ انصاف جي درخواست مان مطمئن ناهيون. ڪالهه چيف جسٽس ناصر الملڪ جي صدارت هيٺ ڪميشن جو اجلاس ٿيو. بلوچستان جو اڳوڻو وڏو  وزير غوث بخش بارو زئي انڪوائري ڪميشن آڏو پيش ٿيو ،هن ڪميشن کي ٻڌايو ته هو 2013ع جي عام چونڊن ۾ نگران وڏو وزير هو. هن چيو ته شڪست جا ذميوار چيف سيڪريٽري بلوچستان ۽ مقامي انتظاميا هئي. هن وڌيڪ چيو ته عام چونڊن کي غير شفاف قرار نه ڏنو هو پر اهو چيو هو ته بلوچستان ۾ ”استادي“ ٿي آهي. چيف جسٽس ناصر الملڪ چيو ته استادي جو لفظ لکڻ لاءِ انگريزي جو لفظ ناهي. اسان استادي جي لفظ کي استادي لکي ڇڏيون ٿا، ان موقعي تي تحريڪ انصاف جي وڪيل عبدالحفيظ پيرزادي چيو ته هي انڪوائري ناهي،  جڊيشل ڪميشن آهي. ان تي چيف جسٽس ناصر الملڪ ريمارڪس ڏنا ته هو تحريڪ انصاف جي درخواست مان مطمئن نه آهن،  هي جاچ ڪميشن آهي، جڊيشل ڪميشن ناهي. دانڌلي جي جاچ ٿي رهي آهي، اسان پنهنجي ڪارروائي سياسي پارٽين جي مدد سان اڳيان وڌائي آهي. تحريڪ انصاف جي درخواست تي سڄي ملڪ مان فارم 15 گهرايا ويا آهن. عبدالحفيظ پيرزادي چيو ته ڪيترين ئي پولنگ اسٽيشنن جا فارم 15 ناهن آيا ،ڪجهه تڪن ۾ تمام گهڻا واڌو بيلٽ پيپر موڪليا ويا. هڪ ڪروڙ 10 لک واڌو بيلٽ پيپر ڇاپيا ويا. هن چيو ته بلوچستان ۾ ڪڏهن به عام چونڊن ۾ 20 سيڪڙو کان وڌيڪ ٽرن آئوٽ ناهي رهيو پر 2013ع جي چونڊن ۾ بلوچستان جو ٽرن آئوٽ 40 سيڪڙو رهيو. چيف جسٽس ناصرالملڪ چيو ته فارم 15 مان جاچ ڪميشن کي ڪا مدد ناهي ملي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *