غير معمولي صورتحال ۾ وفاق کي صوبن جي مدد ڪرڻ گهرجي: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي ( رپورٽر ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زردري جي صدارت هيٺ پارٽي جي معاشي ڪميٽي جو وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ڪوٺايو ويو.پارٽي وفاقي حڪومت جي معاشي رليف پيڪيج کي اڻپورو قرار ڏئي ڇڏيو.وفاق بيروزگارن لاءِ رقم 12 هزارن مان وڌائي اجرت موجب 17500 ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو.اجلاس ۾ رضا رباني، نويد قمر، شازيه مري، چوڌري منظور ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس دوران پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته غير معمولي صورتحال ۾ وفاق کي صوبن جي مدد ڪرڻ گهرجي.پوري دنيا ۾ صوبن جي مدد لاءِ وفاقي حڪومتون پنهنجو فرض نڀائي رهيون آهن.وفاق کي سڀني صوبن جي صحت جي سهولتن ۾ به واڌ ڪرڻ گهرجي. نويد قمر اجلاس ۾ آگاهي ڏيندي چيو ته پرڏيهي امداد کي ذاتي ملڪيت سمجهي پنهنجي مرضي موجب ورهايو پيو وڃي.بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته ماڪڙ جا خطرناڪ حملا هڪ دفعو ٻيهر صوبي ۾ ٿي رهيا آهن. ماڪڙ جا نقصان اڳيان رکندي ان جي خاتمي لاءِ وفاقي حڪومت کي وڏو منصوبو جوڙڻ گهرجي. اجلاس ۾ شازيه مري جو چوڻ هو ته بيروزگارن جي لاءِ رکيل رقم 200 ارب مان گهٽائي 75 ارب رپيا ڪئي وئي آهي،جنهن تي خدشو آهي. پ پ چيئرمين چيو ته وفاق صوبن جي فنڊ ۾ ڪٽوتي ڪرڻ بدران پنهنجا خرچ گهٽائي واڌو پيسا صوبن کي ڏئي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *