غير قانوني هڙتالن اڳيان نه جهڪنداسين، ڪشمير مسئلي جي حل بنا خطي ۾ امن ممڪن ناهي: نواز شريف

مظفرآباد (اين اين آءِ) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته ڪجهه مفاد پرست ماڻهو پي آءِ اي ۾ سڌارو ۽ پاڪستان جي ترقي نه ٿا چاهين غير قانوني ۽ بنا جواز هڙتال آڏو ڪنڌ نه جهڪائينداسين عوام ملڪ جي بهتري لاءِ مينڊيٽ ڏنو آهي اصولن تي ڪنهن به قسم جي سوديبازي نه ٿيندي ڌرڻن باوجود ڌرڻن وارن کي پارليامينٽ مان نه ڪڍيو وزيراعظم کي ڪچي ۾ رسو وجهي وزيراعظم هائوس مان ٻاهرڪڍڻ جي ڳالهه ڪئي وئي اسان اڄ تائين برداشت جو مظاهرو ڪري رهيا آهن اسان منفي ڪمن ۾ پنهنجون سرگرميون جاري رکنداسين ته ان جو ملڪ کي ڪو به فائدو نه ٿيندو آزاد ڪشيمر جي قانون ساز اسيمبلي ۽ ڪائونسل جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پي آءِ اي جي بهتري چاهيون ٿا پر ڪجهه ماڻهو مفاد پرستي چاهين ٿا مفاد پرست ماڻهو نه ٿا چاهين ته پاڪستان ترقي ڪري اهي نه ٿا چاهين ان جو خسارو گهٽ ڪيو وڃي ۽ هي ائير لائين دنيا جي ڪامياب ايئر لائين بڻجي پر ڪجهه سياسي پارٽيون پنهنجن فائدن لاءِ انهن ماڻهن جو ساٿ ڏئي رهيا آهن ان لاءِ غيرقانوني ۽ بنا جواز هرتال آڏو ڪنڌ نه جهڪائينداسين اصولن تي ڪنهن به قسم جي سوديبازي نه ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *