غير قانوني هٿيارن جي ڪيس ۾ بالي ووڊ دبنگ سلمان خان جي ضمانت منظور

ممبئي (شوبز نيوز) غير قانوني هٿيارن جي ڪيس ۾ بالي ووڊ دبنگ سلمان خان جي ضمانت منظور ٿي وئي. ڀارتي ميڊيا مطابق سلمان خان غيرقانوني هٿيار رکڻ جي ڪيس ۾ ڀارتي رياست راجستان جي شهر جوڌ پور جي عدالت ۾ پيش ٿي ۽ 20 هزار رپين جي ضمانت جمع ڪرائي. جڏهن ته عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ميڊيا سان ڳالهائيندي سلمان خان جي وڪيل چيو ته اها عدالت جي معمولي ڪارروائي هئي. واضح رهي ته سلمان خان 1998ع ۾ فلم هم ساٿ ساٿ هين جي شوٽنگ دوران جوڌپور ۾ ڪاري هرڻ جي غيرقانوني شڪار جو الزام هو جيڪو 2017ع ۾ عدالت ناڪامي شاهدن جي بنياد تي ان کي آزاد ڪري ڇڏيو هو .

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *