غير قانوني اثاثه ڪيس: اسحاق ڊار تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ تاريخ مقرر

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) احتساب عدالت غير قانوني اثاثن جي ڪيس ۾ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ 27 سيپٽمبر جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي آهي. ضمانت ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ٿيڻ کانپوءِ ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار احتساب عدالت ۾ جج محمد بشير جي اڳيان پيش ٿيو. ٻڌڻي دوران جج سوال ڪيو ته جوابدار جا وارنٽ اڃا برقرار آهن پر مچلڪا داخل ڇو نه ڪيا ويا آهن. اسحاق ڊار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته هو ضمانتي مچلڪا گڏ کڻي آيا آهن جيڪي هاڻي جمع ڪرايا ويندا. نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي آگاهه ڪيو ته عدالتي حڪم ملندي ئي اسحاق ڊار جي لاهور ۽ اسلام آباد جي گهرن ۾ ڇاپا هنيا ويا پر جوابدار جي گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي پر جوابدار اڄ عدالت ۾ اوچتو پيش ٿيو، عدالت کي اپيل آهي ته جوابدار جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا وڃن. اسحاق ڊار 10 لک رپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائيندي عدالت کان 10 ڏينهن جي مهلت طلب ڪئي جنهن تي عدالت ريفرنس جا مڪمل نقل اسحاق ڊار کي ڏيڻ جو حڪم ڏيندي جوابدار  تي فرد جرم لاءِ 27 سيپٽمبر جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي آهي. عدالت چيو ته اسان روزاني بنياد تي ڪيس جي ٻڌڻي ڪنداسين، عدالت جوابدار جي ايندڙ ٻڌڻي تي حاضري يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 27 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *