غير قانوني اثاثه ڪيس، احتساب عدالت اسحاق ڊا تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (اين اين آءِ) ناجائز اثاثن واري ڪيس ۾ احتساب عدالت وفاقي ناڻي واري وزير اسحاق ڊآر تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ان ڏوهه مڃڻ کان انڪاري ڪري ڇڏيو، اربع تي اسلام  آباد واري احتساب واري عدالت جي جج محمد بشير اسحاق ڊار واري ناجائز اثاثن واري ڪيس جي ٻڌني ڪئي، ناڻي وارو وزير اسحآق ڊار جڏهن عدالت پهتو ته دروازو بند هجڻ سبب کيس ٻآهرئي انتظآر ڪرڻون پيو جنهن سبب هو واپس پنهنجي گاڏي ۾ ويهي رهيو ، ڪجھه وقت کان پوءَ ناڻِي وارو وزير عدالت ۾ داخل ٿيو، ٻڌڻي دوران وفاقي وزير تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو، جج اسحاق ڊار کي الزام پڙهي ٻڌايا، جڏهن ته ناڻي واري وزير ڏوهه تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪندي آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جي الزام کي غلط قرار ڏئي ڇڏيو، اسحاق ڊار چيو ته آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جو الزام بي بنياد آهي انڪري مان انهن الزامن جو بچاءِ ڪندس ۽ بيگناهي کي ثابت ڪندس.  عدالت پاران فرد جرم لاڳو ٿيڻ کانپوءَ اسحآق ڊار جي وڪيلن حاضري کان رعائت جي درخواست ڪڪئي جنهن جي نيب مخالفت ڪئي ، انکانپوءِ ڪيس جي ٻڌڻي 14 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي .

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *