غير جمهوري سياسي قيادت سان مقابلو آهي، سياسي قيادت جمهوري جدوجهد مان ناهي گذري: عمران خان

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان جو مقابلو اهڙي سياسي قيادت سان آهي، جيڪا ڪڏهن جمهوري جدوجهد مان ناهي گذري. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي وزيراعظم عمران خان لکيو ته پاڪستان هن وقت ڪورونا جهڙي صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي، ڪووڊ 19 دوران پاڪستان ۾ اسان جو مقابلو اهڙي سياسي قيادت سان آهي، جيڪا ڪڏهن جمهوري جدوجهد مان ناهي گذري، ان نه ڪڏهن ڪنهن عام شهري کي پيش مسئلن لاءِ ڪم ڪيو ۽ نه ئي عام شهرين جي بهتري لاءِ ڪنهن رستي ۾ ڪو اهم ڪردار ادا ڪيو، پنهنجي خاندانن لاءِ لٽيل ناڻو بچائڻ انهن جو واحد مايوس ڪندڙ مقصد آهي. هن چيو ته انهن اڳواڻن کي عوام سان ڪا همدردي ناهي، اپوزيشن جو واحد مقصد پنهنجي خاندانن جي لٽيل دولت ۽ ڪرپشن بچائڻ آهي، انهن قومي ناڻو لٽي عوام کي وڌيڪ غريب بڻايو، اپوزيشن جا نالي ماتر ليڊر وڏن محلن ۾ شاهاڻي زندگي گهاري رهيا آهن، انهن جي زندگي جو دارومدار سڌي ريت ان ناجائز ۽ غير قانوني طور حاصل ڪيل دولت تي آهي، جڏهن ته انهن کي اهو عهدو به خاندان مان وراثت ۾ مليو آهي. سندس موجب جڏهن اسان غريبن جو روزگار ۽ معيشت بچائڻ لاءِ سمارٽ لاڪ ڊائون هنيو ته انهن ليڊرن مڪمل لاڪ ڊائون جو مطالبو ڪيو، ڪورونا جي نئين لهر ۾ ٻيهر سمارٽ لاڪ ڊائون جي ضرورت آهي ته اهي جلسا ڪرڻ چاهين ٿا، انهن کي عام شهرين جي زندگي جي ڪا ڳڻتي ناهي، اين آر او حاصل ڪرڻ لاءِ اهي ڪنهن به حد تائين وڃي سگهن ٿا، اهي سمجهن ٿا ته اين آر او حاصل ڪرڻ لاءِ اسان تي دٻاءُ وجهڻ جو آخري موقعو آهي پر اين آر او حاصل ڪرڻ ۾ ڪڏهن ڪامياب نه ٿيندا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *