غيرقانوني ڀرتين ۽ فنڊن ۾ گهوٻين ۾ جاچ لاءِ اڳوڻو آءِ جي غلام حيدر جمالي نيب ۾ طلب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نيب پاران سنڌ پوليس ۾ غيرقانوني ڀرتين ۽ جاچ فنڊز ۾ گهوٻين جي جاچ جي لاءِ، اڳوڻي آءِ جي غلام حيدر جمالي، ڊي آءِ جي فنانس فداحسين شاهه،اعترازاحمدگوريا،ايس ايس پي غلام بني ڪيرئي،ڊي آءِ جي مظهر شاهه، سيد سيلمان شاهه ۽ انسپيڪٽر اسلم لانگاهه سميت 26 پوليس آفيسرز کي 21 کان 28 مارچ تائين پيش ٿي بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏي آهي .جڏهن ته ايس ايس پي ويسٽ ڪراچي ، مٽياري ۽ ڪشمورسميت ڪراچي جي سموري ڊي آءِ جيز کي به نوٽيس جاري ڪري21 کان 28 مارچ تائين طلب ڪري ورتو آهي.  نيب سنڌ ۾ کاڻين مان ڪوئلو ڪڍڻ لاءِ ڪم کان اڳ ٺيڪيدار کي ڏيڍ ارب رپين جا فنڊز جاري ڪرڻ واري معاملي جي جاچ به شروع ڪري ڏني، فنڊز جاري ڪرڻ جي منظوري جي تصديق لاءِ نيب وڏي وزير ڏانهن ليٽر به اماڻي ڇڏيو.002

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *