غيرقانوني شادي هالن کان دهشتگردن کي به سهولتون فراهم ڪرڻ جا به اطلاع آهن: شرجيل ميمڻ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات ۽ بلديات کاتي واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سرڪاري زمينن تي هڪ منظم مافياقبضو ڪري اتي شادي هال ۽ ٻيون تجارتي سرگرميون ڪري نه صرف هن  شهر جي عوام ۽ ٻارن کان انهن جون خوشيون کسي ورتيون آهن پر اتان حاصل ڪيل آمدني مان دهشتگرد سرگرمين ۾ مدد ورتي پئي وڃي. سرڪار زمينن تي قبضا ۽ اتي قائم غيرقانوني شادي هال، تجارتي سرگرمين ۽ ٻين آفيسن ۽ سرگرمين خلاف ان وقت تائين ايڪشن جاري رهندو جيستائين ان جو مڪمل خاتمو نه ٿو ڪيو وڃي. اڃان تائين سمورن غيرقانوني هالن جي حوالي سان منهنجي سامهون ڪو نالو نه آهي ۽ اهي نامعلوم آهن. البته جيئن ئي انهن جون شاهديون ملنديون ته ان پٺيان ڪنهن جو هٿ آهي ته ان کي ميڊيا جي سامهون بي نقاب ڪيو ويندو. ايڊمنسٽريٽر ڪراچي ۽ سمورن ڊي ايم سيز جي ايڊمنسٽريٽرن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي پنهنجي پنهنجي ضلعي ۾ غيرقانوني شادي هالن ۽ قبضن خلاف آپريشن کي وڌيڪ تيز ڪن ۽ جيڪڏهن ڪو ايئن نه ڪندو ته مان ان کي به ان ۾ شريڪ سمجهندس. ناجائز شادي هالن ۽ ٻين قبضن کي قائم ڪرڻ ۾ ڪي ايم سي جي آفيسرن جي ملوث هئڻ جون شاهديون مليون آهن ان حوالي سان به ايڊمنسٽريٽر ڪراچي کي هدايتون جاري ڪيون آهن ته انهن خلاف ڪارروائي ڪندي انهن کي نوڪرين تان معطل ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ ڊسٽرڪٽ ايسٽ ۾ قائم ڪشمير لان تي اي  بي سي ۾ قائم غيرقانوني شادي لان کي ڊاهڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي ايڊمنسٽريٽر ڪراچي ثاقب سومرو، ميٽروپوليٽن ڪمشنر ڪراچي مسعود عالم، ڊي سي ايسٽ ۽ ٻيا اعليٰ آفيسر به موجود هئا.  صوبائي وزير ڪي ايم سي جي زمين تي موجود راند جي ميدان ۾ اڏيل غير قانوني شادي هال کي پنهنجي نگراني ۾ ڊهرايو ۽ اتي موجود اعليٰ آفيسرن کي سمورو سامان ضبط ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو. هن ڊي جي پارڪ کي هدايتون ڏنيون ته ڄاڻايل پارڪ مان سامان کڻائي هتي پارڪ قائم ڪيو وڃي ۽ ان کي عوام جي حوالي ڪيو وڃي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هڪ منظّم مافيا سالن کان عوامي پارڪن، راندين جي ميدانن سميت ٻين فلاهي زمينن تي قبضو ڪري اتي غيرقانوني شادي هال ۽ ٻيون تجارتي سرگرميون شروع ڪيون آهن. هن چيو ته افسوس ته ماضي ۾ ناظمن ۽ ٽائون ناظمن پنهنجن اختيارن جو تجاوز ڪندي هن زمين جي الاٽمينٽ ڪئي. ڄاڻايل شادي لان 12 سالن کان راندين جي ميدان بجاءِ شادين لاءِ استعمال ٿيندو رهيو ۽ ان ۾ ڪي ايم سي جي ڪجهه آفيسرن جي ملوث هجڻ جون شاهديون به مليون آهن. هن چيو ته انهن آفيسرن خلاف جاچ جا حڪم ايڊمنسٽريٽر ڪراچي کي ڏنا ويا آهن ۽ کين هدايتون ڏنيون آهن ته ملوث آفيسرن خلاف قانوني ڪارروائي ڪندي انهن کي نوڪريون مان ڪڍيو وڃي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سرڪاري زمينن تي قبضا ۽ انهن تي غيرقانوني شادي هالن ۽ ٻيون ڪمرشل سرگرميون ڏوهه آهي ۽ اسان هاڻ سرڪاري زمينن تي ڏوهه ڪندڙن کي ڪنهن صورت ۾ نه ڇڏينداسين. هن چيو ته غيرقانوني شادي هالن کان دهشتگردن کي به سهولتون فراهم ڪرڻ جا به اطلاع آهن  ان سلسلي ۾ سمورن معاملن تي غور ڪري ان ۾ ملوث ماڻهن جو گهيرو تنگ ڪيو پيو وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جتي جتي به ماسٽر پلان جي خلاف ڪنهن قسم جي ڪابه تجارتي، رهائشي يا ٻيون سرگرميون ڪيون پيون وڃن اهو غيرقانوني آهي ۽ ان ۾ سمورن سياسي جماعتن کي به وارننگ ڏيان ٿو ته هو فوري طور تي سرڪاري زمينن، پارڪن راندين جي ميدانن، رفاحي ۽ فلاحي زمينن تي قائم پنهنجن آفيسن کي فوري طور تي هٽائين ٻي صورت ۾ اسان انهن کي مسمار ڪري ڇڏينداسين ۽ انهن خلاف ڪيس به داخل ڪرايا ويندا. هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ايستائين ڪجهه ڏينهن دوران 40 کان وڌيڪ غيرقانوني شادي هالن کي مسمار ڪيو ويو آهي ۽ اڳتي به اهو ايڪشن جاري رهندو ۽ ان کي ان وقت تائين جاري رکيو ويندو جيستائين پوري صوبي جو هڪ هڪ غيرقانوني شادي هال کي مسمار نٿو ڪيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *