غيرقانوني اڏاوتن جي ڀرمار: ڪراچي شهر جي تباهيءَ جي ذميوار ايس بي سي اي قرار

ڪراچي (م.ڊ) سُپريم ڪورٽ ڪراچي ۾ حددخلين ۽ غيرقانوني اڏاوتن خلاف ڪيس تي لکت ۾ فيصلو جاري ڪندي چيو آهي ته ڪراچي ۾ غيرقانوني اڏاوتن جي ڀرمار ۽ شهر جي تباهيءَ جي ذميوار سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي آهي، پوليس ۽ ٻيا ادارا به غيرقانوني اڏاوتن کي تحفظ مهيا ڪندا رهيا. سُپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري طرفان ڪراچي ۾ حددخلين ۽ غيرقانوني اڏاوتن واري ڪيس جي حوالي سان لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي ۾ غيرقانوني عمارتن جي ڀرمار آهي، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي شهر ۾ غيرقانوني اڏاوتن ۽ تباهيءَ جي ذميوار آهي. سُپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته ايس بي سي اي آفيسرز پنهنجي ذاتي مفادن لاءِ شهر کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، شهر ۾ هزارين غيرقانوني عمارتون تعمير ڪيون ويون، جڏهن ته ايس بي سي اي آفيسر رشوت وٺندا رهيا، اُن کانسواءِ پوليس ۽ ٻين ادارن به غيرقانوني اڏاوتن کي تحفظ مهيا ڪيو. لکت ۾ جاري ٿيل فيصلي ۾ حڪم ڏنو ويو آهي ته سنڌ جو وڏو وزير پاڻ مامرا ڏسي ۽ ايس بي سي اي جي ڪرپٽ آفيسرز کي فوري طور برطرف ڪري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *