غيرت نالي تي قتل غيرت ناهي، اسلام عورتن جي حقن جي تحفط جو درس ڏئي ٿو: نواز شريف

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف سمورا توانائي منصوبا وقت سر مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته بجلي جي پيداوار ۾ اضافي سان لوڊشيڊنگ ۾ گهٽتائي ايندي ۽  ملڪ ۾  معاشي ترقي به ايندي. اسلام آباد ۾ وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي توانائي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي سيڪريٽري پاران توانائي منصوبن تي بريفنگ ڏني وئي. پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي سيڪريٽري چيو ته 2015 بجلي جي پيداوار جي حوالي سان بهتر رهيو، موثر مانيٽرنگ ۽ حڪمت عملي سبب لائين لاسز ۾ به 5 ڏهائي 8 سيڪڙو گهٽتائي آئي. وفاقي سيڪريٽري چيو ته 12 سئو پيداوار جي نون منصوبن تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي، بجلي جا سمورا منصوبا 2017 تائين مڪمل ڪيا ويندا. ان موقعي تي وزيراعظم نواز شريف، پاڻي ۽ بجلي واري وزارت کي هدايت ڪئي ته توانائي جا منصوبا وقت سر مڪمل ڪيا وڃن، هـُو سمورن منصوبن جي پاڻ نگراني ڪري رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته بجلي جي پيداوار سان نه صرف لوڊشيڊنگ ۾ گهٽتائي ايندي پر بنيادي ڍانچي جي تعمير لاءِ به معاون ثابت ٿيندي. ٻئي طرف وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته غيرت جي نالي تي عورتن کي قتل ڪرڻ ڪا غيرت ناهي  اسلام آباد ۾ شرمين عبيد چنائي جي دستاويزي فلم جي مهورتي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته غيرت جي نالي تي عورتن جي قتل ۽ نفرت پکيڙيندڙ قدمن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. هن چيو ته عورتن بابت شرميقن عبيد چنائي جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. سندس چوڻ هو ته عورتن تي تشدد ۽ ظلم اسلام جي خلاف آهي، عورتون هن ملڪ جو فخر آهن. وزيراعظم جو چوڻ هو ته اسلام عورتن کي مردن جي برابرحق ڏنا ويا آهن. وزيراعظم نواز شريف چيو ته شهرين جي حقن جو تحفظ جمهوريت سان ڪري سگهجي ٿو، هو قائد اعظم جي خواب کي حقيقت بڻائڻ جو عزم رکن ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *