غلط افواهه پکيڙي مونکي تڪراري بڻايو پيو وڃي: ڊاڪٽر تنويز زماني

اسلام آباد (بيورو) ڊاڪٽر تنوير زماني چيو آهي ته غلط افواهه پکيڙي کيس تڪراري بڻايو پيو وڃي، تمام گهڻا مسئلا آهن، جن تي زور ڏيڻ چاهي ٿي، هو شهيدن جي خون کي ڪيش ڪرائڻ لاءِ ناهي آئي، هر طرح جي ڀرتي ۽ هر شعبي ۾ ميرٽ هئڻ گهرجي.. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر تنوير زماني چيو ته سندس/ حوالي سان تمام گهڻا افواه پکيڙيا ويا آهن، جنهن ذريعي کيس تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته ملڪ ۾ تمام گهڻا مسئلا آهن، جن تي هو زور ڏيڻ چاهي ٿي، سڀني کي گڏجي عوام ۾ شعور پيدا ڪرڻو پوندو. ڊاڪٽر تنوير زماني وڌيڪ چيو ته جنرل راحيل شريف ۽ نواز شريف جو ضرب عضب آپريشن شروع ڪرڻ ڪامياب قدم آهي، جنرل راحيل شريف جي پوزيشن سبب ملڪ ۾ امن قائم ٿيو. هن چيو ته هر پارٽي جي نوجوان کي متحرڪ ٿيڻ جي ضرورت آهي، هو شهيدن جي خون کي ڪيش ڪرائڻ لاءِ ناهي آئي، هر شعبي ۾ ميرٽ هئڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *