غلطين مان سبق سکڻ سان گڏ بيٽنگ ۾ بهتري آڻڻ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهيان: عمراڪمل

 

لاهور: (اسپورٽس نيوز) ٽيسٽ ڪرڪيٽر عمر اڪمل چيو آهي ته شوقين هاڻ مون کي بدليل انسان ڏسندا. غلطين مان سبق سکڻ سان گڏ بيتنگ ۾ بهتري آڻڻ لاءِ به تمام گهڻو ڪم ڪري رهيو آهيان.29 ساله باصلاحيت رانديگر پاڪستان ڪرڪيٽ جي سڀني کان وڏي ويب سائيٽ کي خصوصي انٽرويو ۾ چيو ته بورڊ اختياريون ڪرڪيٽ جي بهتري لاءِ جيڪو ڪجهه ڪرڻ وڃي رهيون آهن منهنجون نيڪ تمنائون انهن سان گڏ آهن. مان مصباح الحق سان گڏ تمام گهڻي ڪرڪيٽ کيڏي چڪو آهيان. ڊپارٽمينٽ جي لاءِ کيڏڻ شروع ڪيو ته هو گڏ هئو. محمد حفيظ منهنجي لاءِ رول ماڊل رهيو آهي. جيڪڏهن مصباح کي قومي ٽيم جو هيڊ ڪوچ مقرر ڪيو ويو ته ان سان ٽيم جي ڪارڪردگي جو  معيار بهتر رهندو. رانديگرن کي به ان مان گهڻو ڪجهه سکڻ جو موقعو ملندو.هن چيو ته فٽنس ٽيسٽ کان انڪار ناهي پر منهنجي ويجهو اسڪلز کي پهرين ترجيح ڏيڻ گهرجي. مون کي بهترين پرفارمنس ڏيکارڻ باوجود ماضي ۾ وڌيڪ کيڏڻ جو موقعو نه ملي سگهيو. پر يقين آهي ته نئين انتظاميه جي اچڻ سان صورتحال ۾ بهتري ايندي. عمراڪمل چيو ته مون کي هڪ دفعو ٻيهر ملڪ جي نمائندگي جو موقعو ملڻ جو يقين آهي. ٽيم جي لاءِ بهترين صلاحيتن کي اڳيان آڻڻ چاهيان ٿو. هن چيو ته  هميشه جيان ڪرڪيٽ ڪلب تي ئي گهڻي توجه آهي. نيٽ تي هر روز هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ وقت پريڪٽس ڪري رهيو آهيان.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *