غداري ڪيس: ٻِين ماڻهن کي شامل ڪرڻ واري حڪم کي چئلينج ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو) حڪومت غداري ڪيس ۾ ٻين ماڻهن کي شامل ڪرڻ واري خاص عدالت جي حڪم کي چئلينج ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، سپريم ڪورٽ ۾ اڄ اپيل داخل ڪرائڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.. ذريعن جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پرويز مشرف خلاف هلندڙ غداري ڪيس ۾ ٻين ماڻهن کي شامل ڪرڻ بابت خاص عدالت جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئيلينج ڪيو ويندو. ذريعن موجب اجلاس ۾ اڳوڻي وفاقي وزير ۽ غداري ڪيس ۾ عدالت پاران نامزد ڪيل زاهد حامد، قانون واري سيڪريٽري، بچاءَ واري وزير ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ زاهد حامد کي ذميواري ڏني وئي ته هو خاص عدالت جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪري. ذريعن موجب سپريم ڪورٽ ۾ اپيل اڄ داخل ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *