عورتن جي مقابلي ۾ مرد اداڪارن جو وڌيڪ معاوضو ناانصافي آهي: شرڌا ڪپور

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا شرڌا ڪپور چيو آهي ته هن وٽ پئسي جي ايتري اهميت ناهي، اها ڳالهه ان ڪري به گهڻي حيراني واري سمجھي پئي وڃي ته بالي ووڊ جو اڪثر اداڪارائون مرد ۽ عورت اداڪارن جي معاوضيتي تمام گهڻو ڳالهائيندا آهن ۽ سندن موقف هوندو آهي ته عورتن جي مقابلي ۾ مرد اداڪارن جو وڌيڪ معاوضو ناانصافي آهي، پر شرڌا جي ان بيان بالي ووڊ ۾ هڪ نئين بحث کي جنم ڏئي ڇڏيو آهي، شرڌا ڪپور موجب هو فلمن ۾ ڪم ڪرڻ پسند ڪري ٿي، ان ڪري هن پئسي لاءِ ايترو ناهي سوچيو ۽ هن وٽ ان جي اهميت ٻئي درجي واري هوندي آهي، شرڌا ان ڳالهه کي ته تسليم ڪيو ته انڊسٽريءَ تي مرد اداڪارن جي هڪ هٽي آهي، شرڌا جي آخري فلم ”حيدر“ آهي جنهن ڪيترائي فلم فيئر ايوارڊ ٻهاريا هئا، شرڌا ڪپور وڌيڪ چيو ته هن وٽ پئسي کان وڌيڪ سندس مداحن جي اهميت آهي، ڇو جو اهو سندن پيار ئي هوندو آهي جو اسان کي ايوراڊ ملندا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *