عورتن جي معيشت ۾ شموليت وڌائڻ لاءِ وڌيڪ قدمن جي ضرورت آهي: صدر عارف علوي

اسلام آباد (اين اين آءِ) صدر عارف علوي چيو آهي ته عورتن کي معيشت ۾ وڌيڪ شامل ڪرڻ لاءِ قدمن جي ضرورت آهي افغانستان ۾ امن سان پاڪستان کي سڀ کان وڌيڪ فائدو ٿيندو افغانستان کي تعمير ۽ ترقي لاءِ پاڪستان جي مدد جي ضرورت پوندي صدر عارف علوي ريڊيميڊ ڪپڙن جي صنعتڪارن، ايڪسپورٽرز جي ايسوسيئيشن (پريگميا) جي ايوارڊ واري تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته عورتن جي معيشت ۾ شموليت وڌائڻ لاءِ وڌيڪ قدم کڻڻ جي ضرورت اهي ڪاروباري سرگرمين ۾ عورتن جي شامل ٿيڻ بنا ترقي اڻپوري ٿيندي هن چيو ته افغانستان ۾ امن سان پاڪستان کي وڌيڪ فائدو ٿيندو. هن چيو ته ڀارت پنهنجي سمورن پاڙيسرين سان لاڳاپا خراب ڪيا ڀارت پنهنجي 15 سيڪڙو مسلمان آبادي کي اڪيلو ڪري خطرا کڻي رهيو آهي پاڪستان انتهاپسندي ۽ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ اهم سبق حاصل ڪيو انصاف جي بنياد تي فيصلن سان ئي ملڪ ترقي ڪري سگهي ٿو. صدر چيو ته ڦٽي جي زرعي پيداوار وڌائڻ لاءِ قدمن جي ضرورت آهي، پاڪستاني پوشاڪ جي ايڪسپورٽ ۾ گذريل سال 14 سيڪڙو واڌ ٿي هن چيو ته پاڪستان سيڙپڪاري لاءِ بهترين ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهيو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *