عورتن جي جسم کي جنسيت جو رنگ ڏيڻ بند ڪيو وڃي:اشنا شاهه

ڪراچي(شوبز نيوز) اداڪارا اشنا ساهه چيو آهي ته عورتن جي جسم کي جنسيت جو رنگ ڏيڻ بند ڪيو وڃي، اداڪارااشنا شاهه اداڪار مائيڪيل تذينت جي وڊيو اسڪرين جو شاٽ شيئر ڪيو، ان وڊيو ۾ عورت کي مڪمل لباس پهريل هجڻ باوجود جنسيت ۾ تبديل ڪيو ويو آهي ۽ سندس جسم جا خاص غضوا ظاهر ڪيا ويا آهن. وڊيو تي تبصرو ڪندي اشنا شاهه چيو آهي ته مائيڪل تذينت جيڪڏهن پاڪستان اچي ته ان جو سر قلم ڪيو وڃي. هن چيو ته عورت هر روپ ۾ هجي ٿي اها ماءُ به آهي ته ڀيڻ به آهي پوءِ به ان کي جنسيت ۾ تبديل ڪيو وڃي ٿو. هن اهڙن ماڻهن کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *