عوام کي پوليس ۽ ملٽري ڪورٽس مڙهيون ويون آهن، غنويٰ ڀٽو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي شهيد ڀٽو گروپ جي چيئرپرسن غنويَ ڀٽو چيو آهي ته عوام تي پوليس ۽ ملٽري ڪورٽس مڙهيون ويون آهن ذوالفقارعلي ڀٽو جي دور ۾ ماڻهو پنهنجي ملڪ تي قربان ٿيڻ لاءِ تيار هئا ۽ اڄ ملڪ کي بچائڻ لاءِ ڪوئي تيار نه آهي سياسي پارٽيون دهشتگردن جو ڇپر ڇانو آهن ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلر سياسي پارٽين جا آهن گلوبٽ ڪنهن جو آهي هر سياسي پارٽي جون هٿياربند ونگون آهن هڪ خاص انٽرويو ۾ هن چيو ته پاڪستان ۾ ٽيڪسن جو نظام غلط آهي ٽيڪسن جو نظام گراس روٽ ليول کان مٿي ٿيڻ گهرجي اهو غلط آهي ته اسلام آباد سڄي ملڪ مان ٽيڪس گڏ ڪري پوءِ پنهنجي مرضي سان حصو ڏي هن نظام ۾ بلوچستان کي آبادي گهٽ هجڻ کي سڀ کان گهٽ حصو ملي ٿو. بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ حالتون ڏسو ملڪ ۾ نوجوان ڪهڙي پارٽي مان سياسي ۾ هصو وٺي رهيا آهن ڇا وڏيرن جا پٽ يا زالون پارليامينٽ ۾ پهچڻ سان اهو تصور ڪري سگهجي ٿو ته نوجوان سياست ۾ حصو وٺي رهيا آهن اهڙي سياست سان ملڪ ۾ تبديلي نه ايندي رياست ۾ ڪجهه عنصر طالبان جا حامي ۽ ڪجهه مخالف آهن جڏهن رياستي عنصرن ۾ دهشتگردن جا حامي هوندا ته دهشتگردي ڪيئن ختم ٿيندي. آمريڪا پاڪستان جو نه پر اسان جي حڪمرانن جو دوست آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *