عوام پاران رد ڪيل عمران خان کي علاج جي ضرورت آهي: خواجه سعد رفيق

اسلام آباد(م.ڊ) هاڻي گهر ويٺي ريل جي ٽڪيٽ بل ڪرايو، موبائل فون تي تصديقي پيغام وصول ڪريو، پاڪستان ريلوي اي ٽڪيٽنگ نظام متعارف ڪرائي ڇڏيو، وفاقي وزير ريلوي سعد رفيق جو چوڻ هو ته اي ٽڪٽنگ نظام گرين لائن ٽريننز تي لاڳو هوندو، 8 مهينن جي دوران تمام ٽرينن کي اي ٽڪٽنگ سان جوڙيو ويندو، اي ٽڪٽنگ تي سروس چارجز هوندا جيڪي ڏيڻا پوندا،  وفاقي وزير خواجه سعد رفيق اي ٽڪٽنگ سسٽم جي افتتاحي تقريب جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اڄ جو ڏينهن پاڪستان ريلوي جي تاريخ ۾ انتهائي اهيمت رکي ٿو، شروع ۾ اي ٽڪٽنگ جو نظام گرين لائن ٽرينن تي لاڳو ڪيو ويو آهي، لاهور ۽ راولپنڊي جي وچ ۾ هلندڙ ريل ڪارز کي به اي ٽڪٽنگ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، عمران خان بابت ڳالهائيند خواجه سعد رفيق چيو ته عوام عمران خان کي رد ڪري ڇڏيو آهي، ڀارت پاڪستان جي سرحدن تي اڳرائي ڪري رهيو آهي پر هي ملڪ ۾ تماشو ڪري رهيو آهي،عجيب ماڻهو آهي نه عقل، نه دليل نه وري سمجهي ٿو هن شخص کي ڪنهن علاج جي ضرورت آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *