عوام نواز شريف جي مظلوميت جو ڊرامو رد ڪري ڇڏيو آهي: عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): اسلام آباد ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي مشاورتي اجلاس ۾ عمران خان جو چوڻ هيو ته عوام نواز شريف جو مظلوميت ڪارڊ رد ڪري ڇڏيو آهي، نواز شريف تي هاڻي فرد جرم به لڳڻ وڃي رهيو آهي، اڳوڻو وزيراعظم جوابدار مان هاڻي ڏوهاري بڻجڻ وڃي رهيو آهي، پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان اجلاس ۾ چيو ته عوام نواز شريف جو مظلوميت ڪارڊ رد ڪري ڇڏيو آهي، سندس نواز شريف کي مخاطب ڪندي چوڻ هيو ته ميان صاحب اوهان تي فرد جرم لڳڻ وڃي رهيو آهي، اوهان جوابدار مان ڏوهاري بڻجڻ وڃي رهيا آهيو، سندس چوڻ هيو ته عوام کي نواز شريف جي چوري جو يقين ٿي ويو آهي، نواز شريف پنهنجي بيگناهي جو ڪو به ثبوت پيش ناهي ڪري سگهيو، پاڪستان تحريڪ انصاف جي مشاورتي اجلاس ۾ ان ڳالهه تي به زور ڀريو ويو ته پاڪستان تحريڪ انصاف عدليه سان گڏ بيٺل آهي، اجلاس ۾ اڳوڻي وزيراعظم جي عدليه مخالف بيان جي سخت مذمت ڪئي وئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *