عوام مٿان بجلي جو بم ڪيرائڻ جون تياريون مڪمل، فيصلو محفوظ، پاور پلانٽس جو 3 سالن جو آڊٽ ڪرائڻ جو فيصلو

اسلام آباد:(م.ڊ) بجلي جي قيمت ۾ ماهوار فيول ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ 4 روپيه 33 پئسا في يونٽ واڌ جي درخواست تي نيپرا فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي. سي پي پي اي نومبر جي لاءِ بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ 4 روپيه 33 پئسا واڌ جي درخواست ڏني هئي. نيپرا درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو. نيپرا چيئرمين چيو آهي ته ائين نٿو ٿي سگهي ته ريفائنريون هلائڻ جي لاءِ متبادل ذريعن کان بجلي پيدا نه ڪن. ريفائنريز کي هلائڻ جي لاءِ مهانگي بجلي پيدا نٿا ڪري سگهون. 6 ارب روپين جي اڳوڻي ايڊجسٽمينٽ ۽ انگ اکرن جو جائزو وٺڻ کان پوءِ فيصلو جاري ٿيندو.  نيپرا چيئرمين پڇاڻو ڪيو ته ڪول پاور پلانٽس سان بجلي جي پيداوار گهٽ ڇو ٿي. پلانٽس جي جبري بندش جي باوجود شيڊول جي بندش ڇو ٿي؟ اين پي سي سي ٻڌايو ته حب چائنا ٿر ڪول سميت ڪجهه پلانٽس بند هئا. جنهن سبب پيداوار گهٽ ٿي.  نيپرا چيئرمين چيو ته اوهان کي بجلي جيتري به مهانگي ملي اوهان کي ان جي پرواهه ناهي. نيپرا پاور پلانٽس جو 3 سالن جو آڊٽ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *