عوام مسخرن جي مارچ کي رد ڪري ڇڏيو، شاھ محمود عمران خان کانپوءِ وزيراعظم بڻجڻ چاھي ٿو: سعيد غني

سکر (م.ڊ) صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته پيپلز پارٽي جي عوامي مارچ جو ڪنهن سان به مقابلو ناهي، سنڌ جي عوام مسخرن جي مارچ کي رد ڪري ڇڏيو، سنڌ جي ماڻهن کي گيس، پاڻي ۽ بجلي کان محروم ڪري پاڻ سان گڏ هلڻ جي دعوت ڏني پئي وڃي، هنن کي شرم نٿو اچي، سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته شاهه محمود قريشي عمران خان کانپوءِ وزيراعظم جو اميدوار آهي، عمران خان شاهه محمود قريشي کان نفرت ڪري ٿو، شاهه محمود قريشي کي سندس ئي مريدن رد ڪري ڇڏيو، هاڻي پي ٽي آءِ جو صفايو ٿي رهيو آهي، هن چيو ته هي جتي به اليڪشن وڙهندا آهن اتي ذلت واري شڪست ملندي آهي، علي زيدي به  ٻيهرهن سان گڏ چونڊن ۾ گڏ نه بيهندو، عمران خان پنهنجي عزيز سميت ڪنهن جي جنازي تي ناهي ويندو، هنن کي پهريون ڀيرو معلوم ٿيو ته چوڌري شجاعت بيمار آهي، جهانگير ترين جي طبيعت خراب آهي. هن چيو ته بلاول عمران خان کي ڪجهه آداب سيکاريا آهن، بلاول جي عوامي مارچ جا اثر ظاهر ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن، مارچ جيئن اڳتي وڌندو تيئن عمران خان جو روئڻ وڌندو ويندو، هن چيو ته بي اعتمادي جي رٿ ضرور پيش ڪنداسين،  جيستائين عمران خان حڪومت ۾ آهي، ملڪ ۾ خطرا آهن، غريبن لاءِ مصيبت آهي، عمران خان کي بچايو يا غريبن کي بچايو، مسلم ليگ (ق) جي وزير طرفان هي چوڻ ته بي اعتمادي تي ڳالهه ناهي ٿي معني ڪم ختم ٿي ويو

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *