عوام سان اڻٽٽ رشتو آهي، ايندڙ نسلن جو مستقبل سنوارڻ لاءِ ميدان تي نڪتو آهيان: ذوالفقار مرزا

تلهار(نمائندو) منهنجو غريب عوام سان ڪڏهن به نه ٽٽندڙرشتو آهي اسان جي تعلقاتن ۾ ڪا به لالچ ناهي آئون جنهن سان نينهن جو ناتو جوڙيندو آهيان اهو توڙ تائين نڀائيندو آهيان آئون عوام جي ٻچن جي مستقبل سنوارڻ لاءِ نڪتو آهيان ان خيالن جو اظهار ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا تلهار جي مختلف ڳوٺن ۾ ماڻهن سان تعزيت ۽ ملاقاتن دوران ڪيو هن چيو ته انهن لٽيرن کان پاڻ ۽ پنهنجي نسلن کي بچايو جيڪي سبز باغ ڏيکاري مطلب ڪڍڻ بعد نظر نٿا اچن ۽ وري اليڪشن جي وقت ظاهر ٿي پنهنجي ڪرسي لاءِ واڳون وارا لڙڪ وهائي ووٽن لاءِ منٿون ڪن ٿا صحيح وقت اچي ويو آهي سوچي سمجھي فيصلو ڪيو ته جيئن اڳيان هلي اسان کي پڇتاءُ نه ٿئي ڊاڪٽر مرزا پاران ڳوٺ مراد ٽالپر ۾ عبدالجبار بهراڻي سان سندس والده جي وفات تي تعزيت ڪئي ڳوٺ خدابخش خاصخيلي ۾ محرم خاصخيلي جي وفات تي سندس ڀاءُ منٺار خاصخيلي سان، ڳوٺ حاجي سومار جوڻيجو ۾ شاهنواز جوڻيجو سان، غفور حاجاڻو سان ساڻس ڀاءُ جي وفات سميت رينجرز اهلڪار اعجاز جوڻيجو جي تڏي تي پهچي سندس ڀاءُ ڇٽن جوڻيجو ۽ وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيوجنهن بعد ڊاڪٽر مرزا وڪيل اشرف سمون پاران ڏنل آجياڻي ۾ پڻ شرڪت ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *